لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ٽيم جي قيادت ڪندو، ايندڙ هفتي سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويندو، ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو اعلان بابراعظم جي صلاح مشورن سان 3 يا 4 اپريل تائين ڪيو ويندو. ذريعن موجب افغانستان خلاف سيريز ۾ ناڪامي باوجود نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچز لاءِ گهڻين تبديلين جو امڪان نه آهي، ون ڊي ميچز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين وڌيڪ تجربا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي پاليسي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ورلڊ ڪپ جي تيارين کي نظر ۾ رکندي نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان سينئر رانديگرن جي موجودگي ۾ مضبوط ڪمبينيشن سان گڏ ميدان تي لهندو. نيشنل اڪيڊمي ۾ 7 يا 8 اپريل کان تربيتي ڪيمپ لڳائڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيمن جو حصو رانديگر گڏجي ٽريننگ ڪندا.