لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرزاق ويرات ڪوهلي کي بابراعظم کان وڌيڪ فٽ قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ عبدالرزاق چيو ته ويرات ڪوهلي هڪ بهترين ڪرڪيٽر آهي، ٽيم کي گڏ کڻي هلندو ۽ رويو هميشه سٺو هوندو آهي، پنهنجي مهارت کي بهترين انداز ۾ استعمال ڪندو آهي، سڀ کان اهم ڳالهه هن جي فٽنس ورلڊ ڪلاس آهي. هن چيو ته بابراعظم جي فٽنس ڪوهلي جهڙي نه آهي هن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيم جو ڪپتان پهرين نمبر جو بيٽسمين آهي، ڪوهلي ۽ بابر جي ڀيٽ ڪرڻ درست نه آهي، ٻئي ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر ۽ پنهنجي ملڪن لاءِ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهي. عبدالرزاق چيو ته پاڪ-ڀارت جو گڏيل ميچز ٿيڻ گهرجن. عبدالرزاق چيو ته هڪ ڪرڪيٽر طور تي مان اهو به چاهيان ٿو ته پاڪستاني ڪرڪيٽر آءِ پي ايل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر پي ايس ايل کيڏن.