سياسي گرمي پد گهٽجڻ تائين پرامن ۽ شفاف چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن: چيف جسٽس

0
229
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سياسي گرمي پد گهٽجڻ تائين پرامن ۽ شفاف چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، عدالت جو مقصد آهي ته سياسي نظام کي هلندو رهڻ ڏنو وڃي، 20 سالن کان دهشتگرديءَ جو مسئلو هئڻ باوجود چونڊون ٿينديون رهيون آهن

 چيف جسٽس عمر عطا بنديالصوبائي چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته علي ظفر ۽ اٽارني جنرل کي گرمي پد گهٽائڻ بابت سياسي قيادت کان هدايتون وٺي آگاهه ڪرڻ لاءِ چيو هو

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته عمران خان پاران عدالت کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ويندي، چيف جسٽس چيو ته ان تي حڪومت سان به ڳالهائينداسين، حڪومت چوي ٿي ته ڪچي ۾ آپريشن سبب سموري پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، صورتحال خراب هئڻ تي هڪ ٻن ضلعن ۾ چونڊ ملتوي ڪري سگهجي ٿي

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته امن امان جو وڏو مسئلو آهي، ڪي پي ۾ سيڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، انهن خطرن مان نڪرڻ لاءِ 6 مهينا لڳندا، چيف جسٽس چيو ته جيڪا معلومات توهان ڏئي رهيا آهيو اها سنگين نوعيت جي آهي، ڇا اها معلومات توهان صدر کي ڏني هئي، جيڪڏهن نه ڏني هئي ته غلطي ڪئي آهي

 جسٽس منيب اختر چيو ته دهشتگرديءَ جا واقعا سنگين آهن، شهيد اهلڪارن کي سلام پيش ڪيون ٿا پر آئين کي به ڏسڻو آهي، چيف جسٽس چيو ته 90 واري ڏهاڪي ۾ دهشتگردي ۽ فرقيواريت چوٽ چڙهيل هئي، ان جي باوجود 3 چونڊون ٿيون، اليڪشن ڪميشن کي صدر جي تاريخ رد ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو

هي به پڙهندا

اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته جڏهن عدالتي حڪمنامو جاري ئي نه ٿيو آهي ته شيڊول ڪيئن جاري ڪيو ويو؟:جسٽس جمال مندوخيل