اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته جڏهن عدالتي حڪمنامو جاري ئي نه ٿيو آهي ته شيڊول ڪيئن جاري ڪيو ويو؟:جسٽس جمال مندوخيل

0
212
وفاقي سرڪار پاران چونڊون

اسلام آباد: جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته جڏهن عدالتي حڪمنامو جاري ئي نه ٿيو آهي ته شيڊول ڪيئن جاري ڪيو ويو؟

صوبائي چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جڏهن آرڊر آف دي ڪورٽ جاري نه ٿيو ته صدر اليڪشن جي تاريخ ڪيئن ڏئي ڇڏي؟ اليڪشن ڪميشن شيڊول ڪيئن جاري ڪيو؟ منهنجي ڪالهوڪن رمارڪس تي وڏو ڪنفيوزن ٿيو آهي

هن جو چوڻ هو ته مان پنهنجي رمارڪس جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو، مان پنهنجي تفصيلي آرڊر تي قائم آهيان، فيصلي جو هڪ حصو انتظامي اختيارن جي رولز بابت آهي، چيف جسٽس کي چونداسين ته رولز ڏسڻ لاءِ ججز جي ڪميٽي جوڙي وڃي

جسٽس جمال مندو خيل جو چوڻ هو ته  فيصلي جي ٻئي حصي ۾ اسان 4 ججز پاڻمرادو نوٽيس ۽ درخواستون رد ڪيون آهن، 4 ججز جو فيصلو ئي آرڊر آف دي ڪورٽ آهي، اهو آرڊر آف دي ڪورٽ چيف جسٽس جاري نه ڪيو، جڏهن فيصلو ئي نه هيو ته صدر اليڪشن جي تاريخ ڪيئن ڏني؟ اليڪشن ڪميشن شيڊول ڪيئن جاري ڪيو؟

جسٽس منيب اختر چيو ته پهرين مارچ جي فيصلي ۾ ڪٿي به نه لکيل آهي ته فيصلو 4-3 جو آهي، ججز جي اقليت ڪنهن قانون تحت پاڻ کي اڪثريت ۾ هجڻ جي دعويٰ نه ٿي ڪري سگهي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ جو فيصلو اندروني معاملو نه ٿو ٿي سگهي: راڻا ثناءُ الله