سپريم ڪورٽ جو فيصلو اندروني معاملو نه ٿو ٿي سگهي: راڻا ثناءُ الله

0
203
نوازشريف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟ راڻا ثناءُ الله
نوازشريف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟ راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اندروني معاملو نه ٿو ٿي سگهي، ٻن ججز جي اختلافي فيصلي سان ابهام پيدا ٿيا آهن، اهي ابهام فل ڪورٽ جوڙڻ سان ئي ختم ٿي سگهن ٿا

جي يو آءِ اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ جي اجازت آهي

هن چيو ته جهڙي اليڪشن پي ٽي آءِ چاهي ٿي ان سان ملڪ ۾ رڳو انتشار پيدا ٿيندو

گهرو وزير چيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مناسب وقت تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو

هي به پڙهندا

وفاقي حڪومت جو عدالتي سڌارن لاءِ فوري قانون سازي جو فيصلو