ماڻهو انڊسٽري ۾ سياست ڪري رهيا هئا ان لاءِ بالي ووڊ ڇڏي: پريانڪا

0
203
ماڻهو انڊسٽري ۾ سياست

ممبئي(شوبز نيوز) هڪ آمريڪي پوڊ ڪاسٽ ۾ ويجهڙ ۾ ڳالهائيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته مان بالي ووڊ مان نڪرڻ جو رستو ڪيتري ئي عرصي کان ڳولي رهي هيس، هڪ ڏينهن ميوزڪ ڪمپني ديسي هٽس جي انجولا اچاريه مونکي ميوزڪ وڊيو ۾ ڏٺو ۽ فلم سات خون معاف جي شوٽنگ دوران فون ڪيو

پريانڪا ٻڌايو ته انجولا اچاريه مونکان پڇا ڪئي ته ڇا آمريڪا ۾ ميوزڪ ڪيريئر جو آغاز ڪرڻ چاهيو ٿيون؟ جنهن تي مان بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي رضامندي ڏيکاري

Priyanka Chopra Style | POPSUGAR Fashion UK

هن ٻڌايو ته بالي ووڊ ۾ مونکي هڪ ڪنڊ ۾ ڌڪيو پيو وڃي ۽ ڪير به مونکي ڪاسٽ نه ڪري رهيو هو، نه ئي مونکي اهڙيون فلمون ڏنيون پيون وڃن جهڙيون مان چاهيان پئي، ان لاءِ بالي ووڊ مان وقفو وٺڻ پئي چاهيان

هن چيو ته موسيقي مونکي هالي ووڊ ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو ۽ پوءِ مان آمريڪي فلمن ۾ ڪم ڳوليو ۽ ڪامياب رهيس ۽ هاڻي هالي ووڊ ۾ ڪيترين ئي فلمن جو حصو بڻجي چڪي آهيان. اداڪارا چيو ته مونکي سياست جهڙي راند نه ايندي آهي، ماڻهو انڊسٽري ۾ سياست ڪري رهيا هئا ۽ اتي مان پاڻ کي مسئلي ۾ وجهڻ نه پئي چاهيان