اسپتال ۾ مريض عورت کي نشي واري انجيڪشن هڻي پئسا ڦريندڙ جعلي ليڊي ڊاڪٽر گرفتار

0
391
سول اسپتال ۾ مريض عورت کي

ڪراچي: سول اسپتال ڪراچي ۾ مريض عورت کي نشي واري انجيڪشن هڻي پئسا ڦريندڙ جعلي ليڊي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي

سول اسپتال انتظاميا ۽ سيڪيورٽي سي سي ٽي وي فٽيج جي مدد سان سڃاڻپ ڪري جوابدار عورت کي گرفتار ڪيو

ٻڌايو پيو وڃي ته اسپتال انتظاميا متاثرعورت جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي، عورت جي بيگ مان بيهوشي جي انجيڪشن ۽ موبائيل فون هٿ ڪيا ويا

 سي سي ٽي وي فٽيج ۾ عورت ليبارٽري جو ڪوٽ پائي گهمندي نظر اچي رهي آهي