اسلام آباد/لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته منهنجي پويان پوليس ايئن لڳائي وئي، ڄڻ ڪو مان جيمز بانڊ هجان، جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو، اِهو مناسب نه هو، مونکي فون ڪري گهرائي وٺن ها، پاڻ ئي پهچي وڃان ها.  عدالت ۾ پيشي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته فواد چوڌري چيو ته مون اليڪشن ڪميشن بابت  جيڪو ڪجهه به ڳالهايو، پورو پاڪستان اها ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، مون مٿان جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به اهڙو ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. فواد چوڌري چيو ته ايتري پوليس منهنجي پويان لڳائي وئي آهي ڄڻ جيمز بانڊ کي پيش ڪري رهيا آهن، مون کي دهشتگردن وانگر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، راهداري رمانڊ نٿو ٺهي، ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرايو وڃي. هن چيو ته اسان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون اسان جو زيور آهن عوام هن نظام خلاف بغاوت لاءِ ٻاهر نڪري، اليڪشن ڪميشن جو اهو رويو آهي جو چون ٿا تنقيد به نه ڪريو، هن ملڪ ۾ بغاوت فرض آهي. اسلام آباد عدالت ۾ پيشي دوران فواد چوڌري چيو ته جيڪو به چوندو آهيان اها پارٽي جي پاليسي هوندي آهي، منهنجي خلاف ڪو ڪيس نٿو ٺهي، جيڪڏهن تنقيد تي ڪيس داخل ٿيندا ته پوءِ جمهوريت ملڪ ۾ نه وڌندي، اليڪشن ڪميشن نه رياست آهي نه ئي حڪومت، گرفتار ڪري اسلام آباد پوليس حوالي ڪيو ويو، منهنجو موبائل فون به پوليس وٽ آهي.