نيب ڪيس: آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني طلب

0
321

اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي طلب ڪري ورتو آهي

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ توشا خانه ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

عدالت آصف زرداري کي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 24 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ به طلب ڪري ورتو

توشا خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به 24 آڪٽوبر تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن