سنجهوري واسڻ ڊاڪٽر حرا آرائين هڪ سال ۾ قومي ۽ عالمي ايوارڊ ماڻي ورتا

0
198
سنجهوري واسڻ ڊاڪٽر حرا آرائين هڪ سال ۾ قومي ۽ عالمي ايوارڊ ماڻي ورتا
سنجهوري واسڻ ڊاڪٽر حرا آرائين هڪ سال ۾ قومي ۽ عالمي ايوارڊ ماڻي ورتا

سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) سنجهوري شھر جي وارڊ نمبر 06 سان تعلق رکندڙ ويٽنري ڊاڪٽر حرا آرائين کي آگسٽ مهيني جي آخر ۾ انساني خدمتن ۽ سماجي ترقي ۾ بي مثال ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کيس انٽرنيشنل وومين ليڊرشپ ايوارڊ 2023 سان نوازيو ويو

اهو ايوارڊ کيس  هاڪس يوٿ ويزن فائونڊيشن ۽ انٽرنيشنل اسڪول آف ليڊرشپ جي ميزباني هيٺ لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل وومين ليڊرشپ ڪانفرنس ۾ ڏنو ويو جڏهن ته ڊاڪٽر حرا آرائين کي هن ئي سال 2023 جي فيبروري جي مهيني ۾  مختلف ڪميونٽيز ۾ منشيات جي منفي اثرن ۽ لاڙن بابت شعور اجاڳر ڪرڻ تي کيس اينٽي نارڪوٽڪس فورس طرفان نيشنل يوٿ پيس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو

ڊاڪٽر حرا آرائين راندين جي ميدان ۾ به پنهنجي قابليت ۽ همت جي دم تي پنهنجو ٽيلينٽ مڃرائي چڪي آھي فٽبالر جي رانديگر طور هن ملڪي ليول تي سلور ميڊل پڻ حاصل ڪيو آھي

ڊاڪٽر حرا آرائين هن وقت سنجهوري شھر ۽ ضلعي سانگهڙ سميت سنڌ جي نياڻين لاء هڪ مشعل راھ بڻيل آھي ته پٺتي پيل علائقن ۾ رهندي سهولتن ۽ موقعن جي گهٽتائي هوندي  ڏکي صورتحال ۽ مشڪل حالتن کي منهن ڏيئي ڪيئن اڳتي وڌي نه صرف پنهنجي عملي زندگي ۾ ڪاميابيون ماڻي سگهجن ٿيون بلڪه سماج ۽ معاشري ۾ به ذميواراڻو ۽ تعميري ڪردار به ادا ڪري سگهجي ٿو

سندس تعليمي ڪاميابين ۽ سماجي خدمتن عيوض ملندڙ نيشنل ۽ انٽرنيشنل ايوارڊ علائقي واسين لاء هڪ شاندار ۽ روشن مثال بڻيل آھي