ڪراچي(م ڊ) اطلاع آهن ته سپريم ڪورٽ  جو اڳوڻو جج جسٽس (ر) مقبول باقر قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جي عهدي جي اميدوارن مان نڪري ويو آهي. ان باري ۾ وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي جج جي رٽائرمنٽ کي ٻه سال مڪمل نه ٿيا آهن جنهن ڪري کيس نيب چيئرمين بڻائي نه ٿو سگهجي. جنهن ڪري نئين نالي تي غور ڪيو پيو وڃي.