ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سينيٽ پيٽرڪ چرچ ۽ هاءِ اسڪول  جي مرمت ڪرائي ويندي، هن اها ڳالهه فادر ماريو روڊريگس جي اڳواڻي ۾ ڪيٿولڪ بورڊ آف ايجوڪيشن جي وفد سان ڳالهائيندي  چئي، فادر ماريو وڏي وزير کي ٻڌايو ته سينٽ پيٽرڪ چرچ 1818ع ۾ ٺهيو هو، جنهن  کي  هاڻي ڪجهه مرمت جي ضرورت آهي. وڏي وزير پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي کي هدايت ڪئي ته انهي کي اسڪيم ذريعي مڪمل ڪيو وڃي. فادر ماريو چيو ته ڪيٿولڪ بورڊ شهر ۾ 40 اسڪول هلائي رهيو آهي، ڪجهه مسئلن سبب اهي اسڪول مالي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته هو تعليم کاتي کي هدايت ڪندو ته سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. وڏي وزير  چيو ته قديم ورثو قرار ڏنل سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول جي عمارت جي مرمت اينڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ ذريعي ترجيحي بنيادن تي ڪئي ويندي،