نيب پاران کنڊ اسڪينڊل ۾ 2 حڪومتي شخصيتون طلب

0
370

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب کنڊ اسڪينڊل ۾ ٻن وڏي حڪومتي شخصيتن کي طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب نيب راولپنڊي پنجاب جي صوبائي وزير انڊسٽريز اينڊ ڪامرس ميان اسلم اقبال کي 4 مئي تي طلب ڪيو آهي، جڏهن ته نيب جي گڏيل جاچ ٽيم ان کان جاچ ڪندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ميان اسلم کي 2018 کان 2019 کنڊ تي سبسڊي ڏيڻ جو رڪارڊ به آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان کان ايڪسپورٽ جو اجازت نامو ڏيڻ جو رڪرڊ به طلب ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب نيب اڳوڻي صوبائي وزير خوراڪ سميع چوڌري کي به طلب ڪيو ويو آهي.