قمبر (رپورٽر) قمبر پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل 5 لک رپيا انعام رکيل ڏوھاري علي جان بلاڻي چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي قمبر موجب گرفتار ٿيل جوابدار تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سميت حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي ڌاڙن، ڦرن، اغوا ۽ منشيات جا 21 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، جن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.