خيرپور (رپورٽر) واپڊا سيپڪو خيرپور جي انجنيئر عبدالحق ڏاهري پنهنجي ٽيم سان گڏ لقمان جي ڪچي آبادي واري علائقن ۾ آپريشن ڪري غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون لاهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ٻي طرف متاثر رهواسين علي ڏنو، محمد علي، فهيم احمد، دريا خان، علي محمد ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته واپڊا سيپڪو عملدار ميٽر تي بجلي هلائيندڙ صارفين جون بنا جواز تارون ڪٽي کڻي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.