مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ويجهو گذريل رات هٿياربند دڙي شهر جي جامع مسجد جي پيش امام حافظ نثار سومرو ۽ عبدالشڪور سومرو کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف جي يو آءِ طرفان دڙو بس اسٽاپ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي حافظ نثار سومرو، محمد سليم، امير مهاڻو ۽ ٻين علائقي مان بدامني ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.