سيتاروڊ (رپورٽ: امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ ۾ لڳ ڀڳ اڌ صدي کان ننڊ پيل آبپاشي انتظاميا جاڳي پئي، غير قانوني اڏاوتن خلاف قانوني ڪارروائي سخت ڪندي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ پنهنجن پلاٽن تان قبضا هٽائڻ لاء سوين اجها پٽ ڪري ڇڏيا. ڪالھه ٽئين ڏينهن به آبپاشي انتظاميا پاران پيچرڊ ڪينال جي ساڄي ڪپ شھر واري پاسي 20 فوٽ قبضا هٽائڻ تي هن وقت تائين 50 کان وڌيڪ گهر دوڪان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تي متاثر سخت ذھني دٻاء جو شڪار ٿي بي يارو مدد گار ويٺل آھن، وڏي تعداد متاثر ماڻھن گهر جي عورتن ٻارڙن ۽ پيرسنن کي مٽن مائيٽن وٽ موڪلي پاڻ ملبي جو ڍير بڻيل پنهنجن گهرن دوڪانن تان گاڊر ٽيئر ڪاٺ جا لڪڙا ڪامون سرون ۽ ٻيو ڪم جو سامان ڍوئڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن، بي گهر ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھون کليل آسمان هيٺ به ويٺل آھن، پيچرڊ ڪينال وچ شھر ۾ واقع هجڻ 2 سئو کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيڻ ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻھن جي دربدر ٿيڻ جو امڪان آهي. متاثرن امداد سولنگي، بلاول سولنگي، امجد کوسو ۽ ٻين ڪيترن ”پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز“ وٽ دانهيو ته اسان ڪيئي سالن کان رهائش پذير هئاسين، اسانج ون پڪيون عمارتون ڊاهي بي گهر ڪيو ويو آھي، سرڪار متبادل جاءِ يا معاوضو ڏئي گهر آباد ڪرائي، هوڏانهن ڪيترن ئي ماڻهن وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاء پنهنجا اجھا پاڻ ڊاهڻ به شروع ڪري ڇڏيا آھن، سندن چوڻ آھي ته پاڻ گهر ڊاهڻ وقت اندر ۾ گهرو گهاء آھي، مجبور ٿي وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاء اهڙو قدم کڻون پيا ڇاڪاڻ ته انتظاميا پوليس فورس سان گڏ بي رحم بڻجي هيوي مشنري استعمال ڪري وڌيڪ نقصان ڪري ٿي، متاثر ٿيندڙن ۾ غريب پورهيت هجڻ ڪري اختيارين ٻنهي ڪپرن جي 50 فوٽ واري ايراضي بدران ساڄي ڪپ تي 20 ۽ کاٻي ڪپ تي 15 فوٽ تائين قبضا هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آھي.