لاڙڪاڻو/ڊکڻ (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ ڊکڻ ۾ انتظاميا جا دڪانن تي ڇاپا، وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن کان ڏنڊ وصول. خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو، اسسٽنٽ مختيارڪار راشد سيال ۽ ٻين لاهوري پاڙي، ست نمبر ناڪو، شيخ زيد موڙ سميت ٻين علائقن ۾ سبزي، فروٽ، گوشت، مڇي، مرغي توڙي کاتي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙ دڪانن تي پهچي اگهه چيڪ ڪيا، جڏهن ته کاتي پيتي جون شيون وڌيڪ اگھه تي وڪرو ڪندڙ 15 کان وڌيڪ دڪاندارن مٿان ڏنڊ وڌو. ٻئي پاسي ڊکڻ شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين دورو ڪري اگهه معلوم ڪيا، جنهن دوران وڌيڪ اگهه وٺڻ تي دڪاندارن مٿان ڏنڊ وڌو ويو.