نوشهروفيروز (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر/رٽرننگ آفيسر نوشهروفيروز نياز احمد پاران ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز تي فارم جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن جون لسٽون جاري ڪري ڇڏيون. ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 01 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي خليفه  شڪيل احمد ميمڻ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سيد افتخار حسنين شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعجاز حسين سولنگي، جميعت علماءَ اسلام جي مصري خان ۽ هڪ آزاد اميدوار محرم خان چنا سميت 5 ڄڻن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 2 تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي ٻن اميدوارن جن ۾ سيد امير علي شاهه ۽ منصور علي شامل آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي بشير احمد ميمڻ، ۽ ٻن آزاد اميدوارن خليفه عمير احمد، ۽ رميز احمد سميت 6 ڄڻن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر ٽئين تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن اميدوارن محمد معروف پيرزادو ۽ تحسين فاروق پيرزادو، پاڪستان مسلم ليگ ن جي ٻن اميدوارن محمد سرور آرائين ۽ ڪامران سرور آرائين، جميعت علماء اسلام جي اڪرم علي پيرزادا، ۽ جماعت اسلامي جي عبدالوهاب خانزادا ۽ ٻن آزاد اميدوارن امتياز علي سومرو ۽ راڻو خان سميت 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 4 تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي منير احمد سومرو گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس (جي ڊي اي) جي سيد محمد علي شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي عبيد الله عامر بروهي، جماعت اسلامي جي محمد شاهد قريشي، ۽ آزاد اميدوارن طالب حسين، ذوالفقار علي چنا، ثناء الله شاهه ۽ امير علي سميت 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 5 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي منير احمد ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) عورت اميدوار زيتون بيگم مغل، آزاد اميدوارن ۾ امتياز علي سومرو، رميز احمد ۽ محمد بچل سميت  5 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 6 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن اميدوارن جا فارم جمع ڪيا ويا جن ۾ محمد قاسم راڄپر ۽ محمد صادق شامل آهن.گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس (جي ڊي اي) جي محمد امين راڄپر، پاڪستان تحريڪ انصاف جي پير اسدالله آزاد اميدوارن پٺاڻ خان ڪلهوڙو، ۽ نصرالله راڄپر سميت 7 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 7 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن اميدوارن عبدالوحيد عباسي ۽ گلبهار عباسي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذاڪر حسين ڪلهوڙو سميت 4 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 8 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شاهد احمد خانزادا، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي ٻن اميدوارن فضل محمد پٺاڻ ۽ محمد رفيق مغل، پاڪستان تحريڪ انصاف جي محمد عمران راجپوت، جماعت اسلامي جي محمد شبير خانزادا، آزاد اميدواران ۾ شاهد چنا، محمد عثمان خانزادا، جاويد رئيس خانزادا سميت 8 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 9 تي پاڪستان پيپلزپارٽيءِ جي پير خالد سيف الله، گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس (جي ڊي اي) جي سيد امير علي شاهه، جماعت اسلامي جي محمد ڪامران پٺاڻ، آزاد اميدوارن  محمد اسحاق چنا، حنيف محمد سهتو، عبدالطيف، علي اڪبر چانڊيو، ۽ امير علي سميت 8 اميدوارن فارم جمي ڪرايا. وارڊ نمبر 10 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شاهنواز عمراڻي، گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس (جي ڊي اي) جي طارق محمود، پاڪستان تحريڪ انصاف جي دين محمد، جماعت اسلامي جي زين عبدالحسن راجپوت، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي قربان علي سهتو، آزاد اميدوارن ۾ ارشاد احمد راجپوت سميت 6 اميدواران فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 11 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽن اميدوارن ضمير حسين لنڊ، احسان علي ميمڻ ۽ محمد جڙيل رند گرينڊ ڊيموڪريڪٽ الائنس (جي ڊي اي) جي اظهر علي رند، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽن اميدوارن عبدالحفيظ رند، علي احمد ۽ مختيار علي، پاڪستان مسلم ليگ ن جي سائينداد رند، آزاد اميدواران ۾ ڍولڻ رند، عجيب رند، نديم علي هاليپوٽو، ذوالفقار علي چنا، الله ورايو لنڊ، سڄڻ علي رند سميت 14 اميدوارن فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 12 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن اميدوارن مظهرعلي راڄپر، ڪامران علي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي زاهد حسين، آزاد اميدواران ۾ امير علي راڄپر، جاويد اقبال کوکر، عبدالستار اسراڻ، جميل احمد کوکر سميت 7 اميدواران فارم جمع ڪرايا. وارڊ نمبر 13 تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻن اميدوارن ڪامران علي ٽڳر ۽ منير خان، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي بهادر علي بلال ۽ هڪ آزاد اميدوار واجد علي ٽڳر سميت 4 اميدوارن فارم جمع ڪرايا.