ڪشمور(رپورٽر) ھڪ ھفتو اڳ سيوهڻ شريف زيارت لاءِ ويل ڪشمور جي نائچ ڳوٺ واسڻ 3 سالن جي عڪاشه نائچ هٿ نه اچي سگهي آهي،ان ڏس ۾ ٻارڙي جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي صدام نائچ، فياض احمد نائچ يوسف نائچ، شبير احمد ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ٻارڙي سيوهڻ مان گم ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارڙي کي بازياب ڪرايو وڃي.