نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ڀرسان ٺاروشاهه_ نوشھروفيروز لنڪ روڊ تي ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان سجاد سولنگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.