جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ بشام بروهي وٽ موٽرسائيڪل سوار 4 ھٿياربندن مانجھي پور کان جيڪب آباد ويندڙ بس کي روڪي ڊرائيور کي چيو ته ڪلينر ڪارو آهي، جنهن بعد مسافرن کي ڪلاشنڪوف جي زور تي يرغمال بڻائي واپاري نريش ڪمار کان بسڪيٽ جي دٻي ۾ پيل 24 لک، واپاري اميت ڪمار کان 70 ھزار ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، جنهن بعد مسافرن دلمراد ٿاڻي تي پھچي واقعي جو اطلاع ڏنو، واپاري اميت ڪمار جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي مانجھي پور کان وصولي ڪري جيڪب آباد اچي رھيا ھئاسين ته چار ھٿياربندن بس روڪي چيو ته ڪارو ويٺل آهي، جنهن بعد رقم ڦر ڪئي وئي.