نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشهروفيروز ۾ پينشن جي مد ۾ وڏي گھپلي جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏھن ته اي جي سنڌ ڪرپشن جو نوٽيس وٺندي 2 آڊيٽرن انور ھاليپوٽو ۽ يوسف ملاح کي معطل ڪري انھن جون آءِ ڊيون بند ڪيون ويون ۽ کين ڪراچي اي جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آھي. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشهروفيروز جي ذريعن موجب ته  عملدارن ملازمن جن ۾ محمد اقبال جو بوگس ڊفرنس ۽ پينشن 499481 رپيا، زبيده بيگم جي پينشن ۽ ڊفرنس جي نالي تي 490598 رپيا، محمد عرس جي پينشن ۽ ڊفرنس جي نالي تي 491611 رپيا، محمد الدين ميراسي جي نالي تي 49866 رپيا، رحمت الله جي پينشن ۽ ڊفرنس جي نالي تي 401518 رپيا سندن اڪائونٽ ۾ موڪلي ڇڏيا، جڏھن ته وڌيڪ اھو انڪشاف به ٿيو آهي ته آڊيٽرن سون جي تعداد ۾ رٽائرڊ ملازمن سان ملي ڪري غير قانوني طور پينشن جي مد ۾ 10 ھزار کان 50 ھزار رپين جو اضافو ڪرڻ سان 5 کان 20 لکن تائين انھن رٽائرڊ ملازمن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا، جن مان 20 سيڪڙو رقم رٽائرڊ ملازم ۽ باقي رقم رقم جا چيڪ ڄاڻايل ملازمن ڪيش ڪرائي پنھنجا کيسا گرم ڪيا. اھڙي وڏي ڪرپشن بابت اي جي سنڌ نوٽيس ورتو آهي ۽  ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشهروفيروز جي آڊيٽرن انور ھاليپوٽو ۽ يوسف ملاح کي معطل ڪري کين ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي.