ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ نرسنگ داخلا پاليسي 2022ع هيٺ  سنڌ جو ڊوميسائيل رکڻ واري شرط خلاف داخل درخواست تي جناح اسپتال انتظاميا پاران جواب جمع، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان جواب طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي اسڪول ۽ ڪاليج آف نرسنگ ۾ داخلا پاليسي 2022ع  تي عملدرآمد خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جناح اسپتال جي انتظاميا پاران جمع ڪرايل جواب  ۾ چيو ويو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ جناح اسپتال وفاق کان صوبائي حڪومت وٽ آئي، 2022 ۾ سنڌ صحت کاتي پاران سنڌ جي داخلائن بابت ڪا به پاليسي ڏنل نه هئي، جنهن ڪري سڄي ملڪ جي شاگردن جون داخلائون ڪيون ويون هاڻي صرف بي ايس جينرڪ نرسنگ لاءِ سنڌ جي ڊوميسائل جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذارن جو موقف آهي ته شاگردن کان هر سال ڪوٽا سسٽم تحت سڀني ڊگرين ۽ ڊپلوما ڪورسز ۾ داخلا لاءِ درخواستون وصول ڪيون وينديون هيون، پاڪستان جي سمورن صوبن جي شاگردن کي نرسنگ پڙهڻ جو موقعو ملندو هو، 2022ع ۾ ٻين صوبن جي ڪوٽا ختم ڪري نرسنگ ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ سنڌ جي ڊوميسائل جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي، داخلائن لاءِ سنڌ ڊوميسائيل جو شرط ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.