لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو ) باقراڻي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ٿيل رتيديري واسي جوابدار وسيم عرف لالو پٽ نياز حسين جلباڻي کي جيل پوليس علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو، اهلڪارن جي غيرموجودگيءَ ۾جوابدار وجهه وٺي اکين واري شعبي جي عمارت جي ڇت تي لڪي ويهي رهيو. قيدي فرار ٿيڻ جي اطلاع تي پوليس شهر جي ناڪابندي ڪرائي، پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ٻن ڪلاڪن بعد اهلڪارن جوابدارن کي ڇت تان پڪڙي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏئي جيل پهچايو.جيل انتظاميا موجب قيدي وسيم جلباڻي جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس جيل وارڊ علاج لاءِ آندو، جتان هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي کيس گرفتار ڪري ورتو .هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو قيدي فرار ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي غفلت جي الزام ۾ جيل وارد جي انچارج سميت لاڳاپيل عملي کي معطل ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پوليس لائين ۽ لائين آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو. اسپتال جي جيل وارڊ جي معطل ٿيل اهلڪارن ۾ اي ايس آء علي حسن بروهي صابر حسين مهيسر جهانگير آفتاب احمد شاھزيب جلباڻي شامل آهن