نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو سري شھر ۾ پوليس ڪارروائي  ڪري ٽنڊوالهيار مهراڻ شوگر مل مان ڪرائي  جي گاڏي تي موڪليل کنڊ جا 600 ڪٽا  هٿ ڪيا آهن. کنڊ جي ڪل   ماليت ستاويھ لک روپيه ٻڌائي پئي وڃي چوري ٿيل کنڊ ھائي اسڪول جي بلڊنگ مان برآمد ٿي آھي جڏھن ته ڪافي مھينا کان ھائي اسڪول جي بلڊينگ جو ڪم زير تعمير  ھلندڙ آهي. ذريعن موجب نوري آباد پوليس جي  ملوث ھجڻ جو امڪان پڻ آھي. ٽرڪ ڊرائيور مبين پنجابي  ۽ ھڪ مقامي اسڪول جي چوڪيدار  علي مراد لالاڻي کي پوليس  گرفتار ڪيو آھي. ڊرائيور  موجب گاڏي جي مالڪ امان الله ميانوالي  ڦر جي واردات ڄاڻائي کنڊ کي هڙپ ڪرڻ لاء مختلف  جگه تي کنڊ جا ڪٽا  لڪايا گاڏي جي مالڪ جي  چوڻ تي گاڏي اسڪول جي بلڊنگ ۾  ڪاهي ويس جتي کنڊ جا ڪٽا لاٿا. جڏھن ته چوري ٿيل مال ڊي ايس پي  نوري آباد  واجد ٿهيم جي نگراني ۾ نوري آباد ٿاڻي تي آندو  ويو  چوري ٿيل کنڊ جي مالڪن پاران  نوري آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي  پوليس پاران   واقعي  ۾ وڌيڪ ملوث ماڻهن خلاف جاچ هلندڙ آهي.