ڪراچي (نمائندن وٽان)مانجهند ۽ واهي پانڌي ۾ گيسٽرو وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته خيرپور ۽ دادو اسپتالن ۾بيڊن جي کوٽ برقرارآهي. ان ڏس ۾ خيرپور ۾ گيسٽرو جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو، وڌيڪ 62 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو. گيسٽرو جي مرض سبب اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾ منير، نادر، ابوبڪر، ايمان، فاطمه، احمد، ثنا، فرزند، سعديه، رباب، علي اڪبر ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن گيسٽرو سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آهي.ٻئي پاسي گمس سٽي اسپتال گمبٽ ۾ 20 کان وڌيڪ گيسٽرو مريضن کي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو. گيسٽرو مريضن ۾ مسمات سارا خاتون، اسماءَ، غلام سڪينا، بيبي انسا، فرحان علي، بلاول ڦل، محمد سچل، مسمات شريفه خاتون، شهنيلا خاتون ۽ ٻيا شامل آهن.   مانجھند ۾ گيسٽرو سبب ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ ڪيترائي مليريا جو شڪار  ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ رھواسين اڪبر کوسو گلزار ملاح لياقت ملاح ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته کاڻوٺ جو رھواسي محمد بچل عمراڻي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو. مليريا سبب ڪيترائي مريض اسپتال اچڻ لڳا پر تعلقا اسپتال ۾ مليريا ٽيسٽ نه ٿيڻ جي ڪري مريض حيدرآباد ڏانھن وڃڻ لڳا.  ڏيئي ۽ کڏهرو موري ۾ گيسٽرو ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسپتال ۾ ڊاڪٽر موڪل تي هئڻ سبب 40 مريضن کي ڏيئي ۽ کڏهرو جي نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو. مريضن ۾ 10 سال جي ستارا، 4 سال جي سپنا، 8 سال جو دلپسند، 21 سال جو الطاف حسين، 26 سال جو صاحب خان سميت ٻيا شامل آهن. واهي پانڌي ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ شھڪ رودناڻي ۾ هڪ وڌيڪ نينگر نعمت الله رودناڻي گيسٽرو  وگهي فوت ٿي  ويو. هلندڙ هفتي دوران گيسٽرو ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو آهي. دادو ۽ ڀر پاسي ۾ گيسٽرو ۽ ڊائريا سبب 200 ٻارڙن ۽  160، عورتن ۽ مردن کي دادو  اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ،متاثر ٻارن ۾ سائره مڱڻهار، سهيل لغاري، سونيا کوسو، عدنان مستوئي، ريحانه انڙ، اقراء انڙ، علي اڪبر انڙ، بينظير لاشاري، خالده، انيلا، افسانه گوپانگ، مزمل جمالي، ساجد سولنگي، حسيب مستوئي، دعا ۽ حسنين مستوئي ۽ ٻيا شامل آهن. بيڊ گهٽ هئڻ ڪري 3 کان 4 ٻار هڪ هڪ بيڊ تي داخل ڪرڻ سبب ڪيترائي ٻار هيٺ فرش تي ٻارن جي وارڊ جي گيٽ تي ويٺل رهيا ، اهڙي طرح ڊائريا ۽ گيسٽرو سبب 160، عورتن ۽ مردن کي پڻ دادو اسپتال جي ميڊيڪل توڙي سرجيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، دادو اسپتال جي ميڊيڪل توڙي سرجيڪل وارڊ ۾ 37 ، بيڊن تي 160 عورتون ، مرد داخل ڪيا ويا. وارڊ ۾ شام ۽ رات واري شفٽ ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري مريضن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڪ هفتي دوران 1500 کان وڌيڪ ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي. قمبر ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، سول اسپتال ۾ 23 متاثرن کي آندو ويو، جنهن ۾ وڏو انگ ٻارن جوآھي، جن ۾ محمد پريل، عائشه، بختاور، عبدالغني، مختيار خاتون، آمنا خاتون، آسيا، منيره خاتون، گلزار احمد،  سمير، علي رضا، اسلم، شھزادي، خادم، ريما حسينا ۽ ٻيا شامل آھن. ڇاڇرو اسپتال ۾ سويتا، رامجي، گوري گرداري، شاهنواز آدم، رضيا، پرديپ سميت 2 ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ مريضن کي گيسٽرو وگهي داخل ڪيو ويو.