نواز شريف ۽ فضل الرحمان وچ ۾ رابطو، حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق

0
199
نواز شريف ۽ فضل الرحمان

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

ذريعن موجب نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ تي ڊگهي مشاورت ڪئي وئي ۽ ٻنهي اڳواڻن حڪومت کان عوام کي بچائڻ لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن حڪومت مخالف لانگ مارچ ۽ ان هائوس تبديلي سميت اهم قومي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان اڄ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس جي ايجنڊا تي نواز شريف کي اعتماد ۾ ورتو

مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام کي اهڙن حڪمرانن کان نجات ڏياري وڃي

ان موقعي تي نواز شريف جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان جيڪو به فيصلو ٿيندو مسلم ليگ ن ان جي ڀرپور حمايت ڪندي

ھي به پڙھندا

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شاهدي ڏني ته عمران نيازي جي حڪومت ڪرپٽ آهي: شهباز شريف