ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شاهدي ڏني ته عمران نيازي جي حڪومت ڪرپٽ آهي: شهباز شريف

0
199

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڪرپشن جو شور مچائڻ وارن جون چوريون روز پڪڙجي رهيون آهن ۽ ٻين تي بي بنياد الزام هڻڻ وارن کي بين الاقوامي اداري چور ۽ ڪرپٽ قرار ڏنو آهي

پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪرپشن بابت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي رد عمل ظاهر ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ٻيو ڀيرو شاهدي ڏني آهي ته عمران نيازي جي حڪومت ڪرپٽ ۽ چور آهي، عالمي اداري جي رپورٽ فرد جرم آهي ان ڪري ڪرپٽ حڪمرانن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇو ته ملڪ هنن جي ڦرلٽ جو متحمل نٿو ٿي سگهي

هن چيو ته عمران نيازي جي وزيراعظم جي دور ۾ پاڪستان ڪرپشن ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، دنيا چئي رهي آهي ته وزيراعظم چور آهي، ڪرپشن جي عالمي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو 16 درجا هيٺ وڃڻ افسوسناڪ آهي، ڏک آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿي آهي

شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ جي تعريف ڪندي چيو ته نواز شريف جي ايماندار ۽ باصلاحيت قيادت سان پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي هئي، اسان جي سٺي حڪمراني، شفافيت ۽ سڌارن سبب ڪرپشن انڊيڪس ۾ 23 پوائنٽس جي بهتري آئي هئي

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي دور ۾ پاڪستان جي رينڪنگ بهتر ٿي 117 تي اچي وئي هئي ۽ رينڪنگ ۾ بهتري سان دنيا ۾ پاڪستان جو وقار وڌيوهو، 2019 کان 2021 تائين هر روز پي ٽي آءِ جي ڪرپشن وڌي آهي، جڏهن ته اسان جي دور ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي هئي

هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم ۽ سندس ٽيم ايماندار هجي ها ته ان جو اثر هيٺ نظر اچي ها، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ان جو واضح ثبوت آهي، ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته پاڪستان ڪرپشن ۾ 14 ملڪن کان به هيٺ ويو هجي

ھي به پڙھندا

پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل