ننگرپارڪر ڀرسان نينگر پاڻي ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت

0
741

ننگرپارڪر(ن پ ا) ننگرپارڪر ڀرسان ڳوٺ گڊڙو ۾ 10 ورهين جو  معصوم نينگر واجد علي ولد اشرف ڪنڀر گھر اندر پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٺاھيل ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي ويو

وارث نينگر کي پاڻي جي ٽانڪي مان ٻاھر ڪڍي تعلقه اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وارث نينگر جو لاش گھر کڻائي آيا ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو