لاڙڪاڻي ۾ اڄ به رولو ڪتن  وڌيڪ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

0
234
لاڙڪاڻي ۾ اڄ به رولو ڪتن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، اڄ وڌيڪ 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڪتي ڏاڙهيلن ۾ 42 ورهين جو عبدالحميد ،14 ورهين جو منصور  30 ورهين جو مستقين ،5 ورهين جو طاهر سميت ٻيا شامل آهن، جن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اي آر وي سينٽر تي ويڪسين ڪرائي، جنهن بعد ڊاڪٽرن پاران کين گهر اماڻي ڇڏيو