ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ رد، ڀارت جو پائليٽ کي ايوارڊ ڏيڻ ذلت مٽائڻ جي برابر آهي: پاڪستان

0
147
ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ رد

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي طرفان فيبروري 2019 ۾ پاڪستان جو جهاز کي ماري ڪيرائڻ واري هندستاني دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جو پاڪستان ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ بي بنياد ۽ ڪوڙ آهي، هندستاني پائليٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجي قوم کي خوش ڪرڻ ۽ ذلت کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي

ترجمان چيو ته عالمي ماهرن ۽ آمريڪي عملدارن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته ان ڏينهن تي ڪو به ايف 16 جهاز ناهي ڪيرايو ويو، اقدار جي ابتڙ ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائليٽ کي اعزاز ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، ڀارتي پائليٽ کي عزت ڏيڻ فوجي اخلاق ۽ قدرن جي خلاف آهي ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائليٽ کي عزت ڏيڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستان ايئر فورس بهادري سان ڀارت جا ٻه جهاز ڏينهن جي روشني ۾ ڪيرايا، هڪ ڀارتي مگ 21 کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيرايو ويو ۽ تباهه ٿيل ڀارتي جهاز جي پائليٽ کي پڪڙي پاڪستان امن جي خاطر هن کي ڇڏي ڏنو

ھي به پڙھندا

سرحد پار دهشتگرد موڪلڻ وارو ڀارتي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي: پاڪستان