ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن اندر خودڪشيءَ جا 2 ڌار ڌار واقعا، ھڪ ناري ۽ نوجوان وڻن ۾ ڦاھو کاهي خودڪشي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب ڳوٺ ھيرار ڏيٿا ۾ ڇھن ٻارڙن جي پيءُ 37 سالن جي نوجوان چھنو ولد ڀمرو ميگھواڙ بيماري ۽ قرض کان تنگ ٿي ڳوٺ ڀرسان ٻنيءَ ۾ بيٺل وڻ ۾ ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ ھاڏاڻين جو وانڍيو ۾ 20 سالن جي شادي شده نوجوان ناري نيلان زال موھن ڪولھي اولاد نه ٿيڻ تان گھر ڀرسان ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ ڦاھو کائي زندگي جو انت آندو. وارثن پاران خودڪشيءَ جي ٻنهي واقعن جو اطلاع حد جي ٿاڻن ڏانوڌاندل ۽ ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو، پوليس پھچي ٻنھي جي لاشن کي تعلقي اسپتال آندو، قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان بيماري ۽ قرض کان تنگ ٿي ۽ ناري اولاد نه ٿيڻ تان خودڪشي ڪئي آهي.