ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ شفيع محمد چيئرمين ۾ امڙ کان ناراض ٿي 15 ورهين جي سيتا ڌيءُ هوٿي ڪولهي گهر ۾ پيل زرعي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سندس وارث فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪري سندس حياتي بچائي ورتي. ٻئي طرف ڳوٺ جمعو رمداڻ ڀرسان درگا ڌيءُ سروڻ ميگهواڙ زرعي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پڻ سندس وارث فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪري سندس حياتي بچائي ورتي.