قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ هوم کاتي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي سلسلي ۾ قائم ڪيل انسپيڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ڊسٽرڪٽ سيشن جج زاهد حسين ميتلو، ڊپٽي ڪمشنر قمر رضا ۽ ايس ايس پي قمبر سمير نور چنا پوليس هيڊ ڪوارٽر قمبر ۾ قائم ڊسٽرڪٽ آرمورري ۾ ڏوهارين کان ضبط ڪيل هٿيار جيڪي مختلف ڪيسن پراپرٽي طور رکيل هئا، جڏهن ته ڪيس عدالتن مان پڻ ختم ٿيل آهن، انسپيڪشن ڪاميٽي سڀني هٿيارن جي انسپيڪشن بعد هٿيار سيل ڪري وڌيڪ ڪارروائي لاءِ فارينزڪ ڊويزن ڪراچي ڏانهن موڪليا آهن.