ننڍي قد جو سوشل ميڊيا اسٽار حسب الله گرفتار

0
131
ننڍي قد جو سوشل ميڊيا اسٽار حسب الله گرفتار
ننڍي قد جو سوشل ميڊيا اسٽار حسب الله گرفتار

ماسڪو (شوبز نيوز) روس سان تعلق رکندڙ مشهور سوشل ميڊيا اسٽار ٽڪ ٽاڪر ۽ ميوزڪ پروڊيوسر حسب الله ميگوميدوف ۽ هن جي دوستن کي داغستان ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 20 سالن جي حسب الله ۽ هن جي ساٿين کي داغستان ۾ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، هن مٿان شهر جو مک شاهراهه بلاڪ ڪرڻ جو الزام آهي

ميڊيا رپورٽن موجب حسن الله پنهنجي دوستن سميت مبينا طور تي پنهنجي هڪ دوست جي شاديءَ جو جشن ملهائي رهيو هو جڏهن اختيارين هن کي گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽڪ ٽاڪر ان واقعي تي معافي گهرندي سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ۽ ٻڌايو ته اصل ۾ گاڏي اهو نه بلڪ هن جو دوست هلائي رهيو هو

هن يقين ڏياريو ته اهڙي غلطي اهو ٻيهر ڪڏهن به نه ڪندو. واضح رهي ته يو ايف سي سفير حسب الله 2020ع ۾ انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجي مزاحيه وڊيوز ۽ قد سبب مقبوليت حاصل ڪئي