پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن تي اداڪارن طرفان ڳڻتيءَ جو اظهار

0
197
پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن تي اداڪارن طرفان ڳڻتيءَ جو اظهار
پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن تي اداڪارن طرفان ڳڻتيءَ جو اظهار

ڪراچي(شوبز نيوز) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاريءَ کانپوءِ ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه تي فنڪارن به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي

اداڪارا مايا علي لائيو لونگ عمران خان جي هيش ٽيگ سان گڏ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ مظاهرين کي اپيل ڪئي ته اهي پاڻ ۽ ٻين کي نقصان نه پهچائين ۽ ماڻهن جي گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ دڪانن جا شيشا نه ٽوڙين ۽ نه ئي ڪا ڦرلٽ ڪن

مايا علي وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪنهن کي تڪليف پهچائڻ يا ڪنهن لاءِ خطري جو سبب بڻجڻ کانسواءِ ان صورتحال کي سمجهداريءَ سان سنڀالڻو آهي، ماڻهن جي ملڪيت کي نقصان پهچائيندڙ وڳوڙي اسان مان نه آهن ۽ اسان کي خبر آهي ته اهي ڪير آهن

مايا علي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ به اسان کي هڪ ٻئي جي مدد جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي قوم بڻجي بيهڻو آهي جيڪو اسان جو ڪپتان هميشه چاهيندو آهي. اداڪارا ماهرا خان ملڪ جي صورتحال تي لکيو ته دل ٽٽي ويو

الله اسان جي ملڪ ۽ عوام تي پنهنجو رحم فرمائي، آمين. مشهور ڪاميڊين ميزبان ۽ اداڪار ياسر علي پنهنجي بيان ۾ لکيو ته ننڍپڻ ۾ گهڻيون وڊيو گيمز کيڏيون آهن پر جيڪا گيم هن وقت پاڪستان ۾ هلي رهي آهي سمجهه کان ٻاهر آهي

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار