پاڪستان ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي: بائڪاٽ جي ڌمڪي

0
250
پاڪستان ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي: بائڪاٽ جي ڌمڪي
پاڪستان ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي: بائڪاٽ جي ڌمڪي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايشيا ڪپ سريلنڪا ۾ ڪرائڻ جي مخالفت ڪندي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ايشيا ڪپ ۽ ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ قومي ٽيم جي شرڪت بابت اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايشيا ڪپ کي گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ بدران سريلنڪا منتقل ڪرڻ واري قدم تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  پاران اعتراض اٿاريو  ويو

چيئرمين نجم سيٺي موقف اختيار ڪيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ايشيا ڪپ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ واري پاڪستان جي تجويز قبولڻ گهرجي

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اي سي سي ميمبرن جي اڪثريت ايشيا ڪپ کي ڪنهن ٻئي هنڌ رکڻ چاهي ٿي ته پوءِ پاڪستان ان جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيندو. پي سي بي چيئرمين ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي خدشن کي رد ڪندي چيو ته گڏجاڻي دوران ٻڌايو هو ته يو اي اي جي موسم سيپٽمبر ۾ گرم ٿيندي بي سي سي آءِ 2020 ۾ سيپٽمبر ۾ آءِ پي ايل ڪرائي چڪي آهي