نفيس نگر (ن پ ا) نفيس نگر شهر ۾ 10سالن کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، شهر ۾ صحت جي سهولتن لاءِ بنيادي صحت مرڪز قائم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته شهر ۾ قائم گرلز پرائمري توڙي بوائز پرائمري اسڪولن ۾ 2 سال گذرڻ باوجود استاد مقرر نه ٿي سگهيا آهن، اسڪول بند هجڻ سبب ٻارڙا تعليم کان محروم آهن، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن نواز ٽنگڙي، دودو، نوراحمد آرائين، سانوڻ اوٺو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم آهن، هنن چيو ته ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، هنن چيو ته شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪاره بجڻ سبب گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهيون، روڊ رستا اکڙي تباهه ٿي ويا آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. .هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايم پي اي طارق ٽالپر ٻڌايو ته شهر جي مسئلن جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهائي تمام جلد مسئلا حل ڪيا ويندا.