ٽنڊومحمدخان: پ پ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاهه بخاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٽنڊومحمدخان جي ڊرينيج سسٽم بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڏو اهو مسئلو رکيو اٿئون اميد آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ وڏو وزير ٽنڊومحمدخان شهر جي ڊرينيج سسٽم جو ماسٽر پلان منظور ڪرڻ جو اعلان ڪندو.