ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ بابت درخواست تي ڪراچي واٽر بورڊ جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي واٽر بورڊ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ٻن هفتن ۾ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪرڻ تي ڪراچي واٽر بورڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي شهر ۾ صاف پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ٽينڪرز ذريعي پاڻي ڏئي سگهو ٿا ته پوءِ لائينن ۾ ڇو نه ٿا ڏئي سگهو؟ عدالت چيو ته شهرين کان پاڻي جا بل تي وصول ڪيا وڃن ٿا پر پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جا ادارا شهرين کي انصاف فراهم ڪن ها ته ماڻهو عدالتن ۾ ڌڪا نه کائين ها، سرڪاري ادارا وڪيلن کي في ادا ڪن ٿا پر شهرين کي حق نٿا ڏين. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2019ع تي عدالت روفي سويٽ هوم اسڪيم 33 ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر 2 سال گذرڻ باوجود علائقي واسي پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن. ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي جو مسئلو هڪ علائقي جو ناهي پر پوري شهر ۾ کوٽ آهي.