ٽالهي (ن پ ا) ٽالهي ويجهو ڳوٺ سانياسر جي رهواسي پيرسن محمد عمر نهڙي جا 3 نوجوان پٽ ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن، ان حوالي سان پيرسن محمد عمر نهڙي ٻڌايو ته نوجوان پٽ عبدالخالق نهڙي، نور محمد ۽ سهراب نهڙي ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم آهن، پيرسن ٻڌايو ته پٽن جي علاج تي گهر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي پر صحتياب ناهن ٿيا، وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، هن چيو ته اسان غريب آهيون، سرڪار نوٽيس وٺي پٽن جو علاج ڪرائي پريشاني ختم ڪري.