حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڏات ڌڻين چيو آهي ته نسيم کرل جون ڪهاڻيون سماج جو آئينو آهن. جيڪڏهن نسيم کرل جو نالو خارج ڪجي ته ادبي ميدان بي مزي ٿي پوندو. اهڙو اظهار انهن بزم روح رھاڻ پاران نامياري ڪھاڻيڪار نسيم کرل جي ياد ۾ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ ڪيو. گڏجاڻي جي صدارت ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته نسيم کرل کي ياد ڪري بزم روح رهاڻ پنهنجو ادبي فرض نڀايو آهي. جيڪڏهن نسيم کرل جو نالو ڪڍي ڇڏجي ته ادب ميدان ٻسو ۽ خالي ٿي پوندو. ھن جون ڪهاڻيون سماج جو آئينو آهن. ڪھاڻيڪار سليم چنا چيو ته نسيم کرل 60 واري ڏهاڪي ۾ نئين زندگي ۽ روح رھاڻ رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيو. ھن جي پھرين ڪهاڻي ”مراد“ گهڻو مقبول ٿي. ان ڪهاڻي ۾ ڪچي جي ماڻهن جي نفسيات کي ظاهر ڪيو ويو آهي. تعليمدان ادريس جتوئي چيو ته نسيم کرل کي گولي لڳڻ کانپوءِ به سنڌي ڪھاڻي زنده آهي. سنڌ جي مشاھيرن کي ياد ڪري بزم روح رھاڻ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي. غلام قادر وساڻ چيو ته نسيم کرل جو نالو سنڌي ادب ۾ سدائين زنده رھندو. ھو وسارڻ جهڙي شخصيت نه آهي.