بدين (رپورٽر) بدين ۾ نالي واري ليکڪ، اديب، سياسي ڪارڪن ۽ پورھيت جدوجھد جي اڳواڻ مرحوم محمد موسيٰ جوکيو جي ڪتاب “آھي ڏينھن ،آھي نينھن” جي مھورت تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو چيو ته رسول بخش پليجو چوندو ھو ته ڳالھائڻ چاندي آھي ۽ لکڻ سون آھي، سو محمد موسيٰ سون وارو ڪم ڪيو آھي, ھو ڪردارن ۽ ڪارنامن جو گواھ ھو،ھن جيڪو لکيو اھو تاريخي دستاويز آھي، تاج محمد ملاح چيو ته محمد موسيٰ جوکيو فقيراڻي طبيعت جو ماڻھو ھو۽ ھو شھيد فاضل راھو سان محبت ڪندڙ عظيم انسان ھو، پروفيسر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو چيو ته ھن خطي ۾ سياست جو سربراھ فاضل راھو ۽ ان سان گڏ محمد موسيٰ جوکيو جو ڪردار ھميشا نمايان رھيو آھي،ھن چيو ته محمد موسيٰ جي ڪتاب ۾ جيڪي قصا بيان ڪيل آھن اھي تاريخ جو حصو آھن. ان موقعي تي  پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ،  ڊاڪٽر دودي مهيري، دودو چانڊيو، مسعود لوهار، شھربانو راھو،علي اظھار ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.