جاتي (ن پ ا) جاتي شهر ڀرسان ڳوٺ سانوڻ ميراسي جو رهواسي لاڙ پٽ جو ناليوارو بورچي محمد اسماعيل ملاح ڳلي جي ڪينسر وگهي ڪيترن ئي مهينن کان بستري ڀيڙو ٿيل آهي،  غربت سبب  سندس فيملي ۾ معصوم ٻارڙا توڙي عورتون هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن، ان ڏس ۾ پيرسن آچار ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته  محمد اسماعيل ملاح ناليوارو بورچي آهي، جنهن لاڙ پٽ جا وڏا  وڏا ڪاڄ ۽ مختلف پروگرامن ۾ بهترين کاڌا پچائڻ جو رڪارڊ ٽوڙيو هو، هنن چيو ته گذريل چند مهينن کان ڳلي ۾ ڪينسر جي مرض سبب اسماعيل هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي، غربت سبب سندس علاج نه ٿا ڪرائي سگهون، نوٽيس وٺي مالي سهائتا ڪري سندس علاج ڪرايو وڃي.