نجي بينڪ ۾ جعلي زيورن وارو ڪيس: گرفتار جوابدار پاران عدالت سان رابطو

0
229
جعلي زيورن وارو ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي نجي بئنڪ ۾ ڪروڙين رُپين جِي ماليت جَي ڳهن کي پِتل ۾ تبديل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جو عدالت سان رابطو، گلستان جوهر بئرانچ جي آپريشنل مئنيجر ذوالفقار جوڻيجو طرفان ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته 3 آگسٽ تي ڪورو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ذوالفقار جوڻيجو کي گرفتار ڪيو ويو، ٽرائل ڪورٽ ۾ ضمانت درخواست داخل ٿيل آهي، پوليس موجب نجي بئنڪ ۾ شهرين جا گروي طور رکيل ڳهه چوري ٿي ويا، اهڙي واردات جو انڪشاف گلستان جوهر برانچ جي آڊٽ مان ٿيو، خبر پئي ته لاڪر ۾ رکيل ڳهه نقلي آهن، ڳهن جو معائنو ڪرائڻ سان پتو پيو ته اُهي پتل جا هئا، جِن تي سون جو پاڻي چاڙهيو ويو، عدالت جوابدار جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ٽرائل ڪورٽ کي ٻن هفتن ۾ ضمانت درخواست تي فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.