ڪورونا وائرس جي ٻي خوراڪ لڳرائڻ وارن لاءِ خاص هدايتون جاري

0
1687
ڪورونا وائرس جي

ڪراچي(م ڊ) وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا جي ٻي خوراڪ باب اهم هدايتون جاري ڪيون آهن، ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي ٻي خوراڪ گهٽ ۾ گهٽ وقت پورو ٿيڻ بعد لڳرائي سگهجي ٿي، ان ڪري شهرين کي ويڪسين جي ٻي خوراڪ لاءِ 1166 کان ايم ايس جو انتظر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن چيو آهي ته سائنو فارم جي ٻي خوراڪ ٽن هفتن بعد لڳرائي سگهجي ٿو، جڏهن ته سائنو ويڪ ۽ ايسٽرا زينيڪا جي ٻئي خوراڪ 4 هفتن کانپوءِ لڳرائي سگهجي ٿي، ٻئي پاسي اين سي او سي سائنو فارم ويڪسين بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ معلومات کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان سائنو فارم ويڪسين لڳرائڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن، ويڪسين لڳرائڻ جي گائيڊ لائنز جي درست معلومات اين سي او سي جي ويب سائيٽ تي آهن..