ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي لاڏاڻي سبب خالي  ٿيل سينيٽ سيٽ تي پ پ اميداور ۽ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي بيواهه ڊاڪٽر خالدہ سڪندر منڌرو  رٽرننگ آفيسر پاران نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪري ورتو، اليڪشن ٽربيونل ڊاڪٽر خالدہ جي درخواست تي رٽرننگ آفيسر اعجاز انور چوھاڻ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آھي. ڊاڪٽر خالده سڪندر جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر خالده عدت ۾ هجڻ ڪري رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ناهي ٿي، رٽرننگ آفيسر اصلي سڃاڻپ ڪارڊ نه ھجڻ جي بنياد تي ڊاڪٽر خالدہ جو فارم رد ڪيو آھي، جڏھن ته قانون ۾ اهو ڪٿي به اھو ناھي ته اميدوار جو اوريجنل سڃاڻپ ڪارڊ ريٽرننگ آفيسر کي ڏيکارڻ ضروري آھي، درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته رٽرننگ آفيسر جو فيصلو قانون جي ابتڙ آھي، رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي رد ڪري ڊاڪٽر خالدہ جو فارم بحال ڪيو وڃي.