ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي عوام جو انتظار ختم:  پيپلز بس روڊن تي اچي وئي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاح بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين وزيرن  پيپلز بس ۾ سفر به ڪيو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي شهر جي عوام کي تحفو ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، اسان وام جو بهتر سفر وارو خواب پورو ڪيو آهي، اڃا به سفري سهوليتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جو نظام بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي جلد ئي اورنگي کان فاطمه جناح يونيورسٽي تائين عبدالستار ايڌي اورنج لائين جو به آغاز ڪيو ويندو. هن چيو ته پيپلز بس سروس ماڊل ڪالوني کان ٽاور جي روٽ تي هلڻ شروع ٿي وئي آهي. 90 مسافرن واري اي سي بس جو گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 25 ۽ وڌ ۾ وڌ 50 رپيا آهي، هن چيو ته  ڪراچي ۾ ڪل 7 روٽس آهن، 10 ڏينهن جي وقفي سان ٻين روٽس تي به بسون هلڻ شروع ٿي وينديون. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ واري سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ترڪي جي هڪ ڪمپني سان سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو پلانٽ لڳائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي به پيپلز بس پراجيڪٽ ناڪام ڪرڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن ڪنهن به بسن ۽ انهن جي اسٽيشنز کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان  خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.