ڪراچي(م ڊ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران ضابطن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺندي پ پ چيئرمين/ بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مرادعلي شاهه کي نوٽيسز جاري ڪندي 28 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه کي لاڙڪاڻي ۾ 21 جون تي جلسي کي خطاب ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيا ويا. ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي جلسي کان روڪڻ جو خط لکيو ويو هو، جلسو ٿيو آهي ته ضابطن جي ڀڇڪڙي تحت ڪارورائي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن بلاول ۽ وڏي وزير کي حڪم ڏنو ته 28 جون ته منجهند جو هڪ هو اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ پيش ٿين يا پنهنجي وڪيل کي موڪلين.